پشاور-20 ڊسمبر(اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ملڪي امن استحڪام ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري سميت سموريون اقليتون ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ مسيحي برادري جون خدمتون قدر جوڳيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايڊورڊز ڪاليج پشاور ۾ ڪرسمس جي حوالي سان منعقد تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب دوران ڪيو. گورنر هائوس پشاور مان جاري ڪيل بيان موجب تقريب ۾ بشپ همفري سرفراز پيٽر، پرنسل پروفيسر شجاعت علي، ايڊورڊز ڪاليج جي شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن سميت مسيحي برادري جي عورتن ۽ مردن سميت ٻارن جو پڻ وڏو تعداد موجود هو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي تقريب ۾ ايڊورڊز ڪاليج جي انتظاميا سان گڏ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون.تقريب ۾ قومي تراني ۽ ڪرسمس جي حوالي سان مسيحي برادري جي خاص دعا ۽ ڪرسمس جو گانو پڻ ڳايو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته شاگرد مستقبل جي چيلينجز ک?? منهن ڏيڻ لاءِ جديد ت??ليم تي ڌيان ڏين ڇاڪاڻ ته اڄ جي دنيا ۾ علم ئي طاقت آهي توهان لاءِ اهو ضروري آهي ته پاڻ کي تيزي سان تبديل ٿيندڙ عالمي منظر نامي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ ضروري مهارتن سان آراسته ڪيو وڃي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ موجود اقليتن کي پ??ڪس??ان جي آئين تحت مڪمل حقن جي ۽ مذهبي آزادي حاصل آهي. ايڊورڊز ڪاليج ۾ هلندڙ سال اقليتي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 25 وظيفا (اسڪالرشپ ) مختص ڪيون ويون آهن. ايڊورڊز ڪاليج صوبي جي تاريخي تعليمي درسگاه آهي. ايڊورڊز ڪاليج جي تعليمي ۽ تاريخي حيثيت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجو سهڪار جاري رکندس.
متعلقہ مضامین
-
YouTuber Ducky Bhai held at Lahore Airport over gambling promotion
-
Pakistan all set to plead its case in COP28
-
OGDCL begins gas production from Dera Bugti
-
سپر گولف کورس کی سرکاری تفریحی داخلی راستہ
-
Lucky Rat Official Entertainment Platform - تفریح کا بہترین پلیٹ فارم
-
Our politics is of development, not of sit-ins, says Nawaz
-
Sattar detained by Rangers during press conference
-
Qazigund youth killing condemned in IHK
-
Pakistan requests UN to investigate childrens killing
-
Imran Khan afraid of Maryam Nawaz: Maiza
-
NAB organises show to raise awareness against corruption
-
Xima آن لائن تفریح کا سرکاری داخلہ