اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي زندگي جي مختلف شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي شموليت ۽ اضافي جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتن ??ي ترقي جا موقعا حاصل ٿين ۽ اهي پنهنجي صلاحيتن ??ي استعمال ۾ آڻيندي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي سڄي دنيا ۾ عورتن جي خدمتن ۽ ڪاميابين کي سا??اهڻ ۽ ??نه?? چئلينجن تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهمڪري ٿو جن سان صنفي برابري حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڃا به منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ اهم شعبو جيڪو اسان جي ڌيان جو گهرجائو آهي، اهو صنفي برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ اختراع جو ڪردار آهي. ڊيجيٽل تفريق عورتن جي ٽيڪنالاجي، تعليم ۽ ملازمت جي موقعن تائين پهچ کي متاثر ڪري ٿي جنهن سان ??نه?? جا معاشي ۽ سماجي اختيار محدود ٿين ٿا. اسان کي ٽيڪنالاجي ۾ صنفي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرئتمنداڻي قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازن سالن ۾ نمايان اڳڀرائي جي باوجود ٽيڪ انڊسٽري ۾ عورتن جي شموليت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز تائين ??نه?? جي پهچ گهٽ آهي. ڪوويڊ 19 دوران پاڪستان ۾ عورتن پاران ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ جي رجحان ۾ اضافو ڏٺو ويو. وڌيڪ اهو ته عورتون هاڻي تعليم، ڪاروبار ۽ سوشلائيزيسن جي لاءِ آن لائين پليٽ فارم استعمال ڪري رهيون آهن. اهو پاڪستان ۾ عورتن جي وڌندڙ رجحان جي نشاندهي ڪري ٿو جيڪو ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي پري کان ڪم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي روزگار جا موقعا ڳولي رهيون آهن. جيتوڻيڪ اهو ڪافي حوصلي جوڳو آهي، اسان کي اڃا به ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز ۽ پليٽ فارمز تائين ??نه?? جي پهچ کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪم ڳولڻ جي لاءِ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال ڪندي عورتون ??نه?? ڪيترين ئي رڪاوٽن تي ضابطو آڻي سگهن ٿيون جن جو ??نه?? کي روايتي صنعتن ۾ منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، ان جي نتيجي ۾ عورتن ??ي افرادي قوت جو حصو بڻجڻ ۽ معيشت ۾ حصو وجهڻ جا وڌيڪ موقعا فراهم ڪري پاڪستان ۾ صنفي برابري ۽ عورتن ??ي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي. خاتون اول چيو ته اسان کي ڊيجيٽل وسيلن تائين پهچ وڌائن، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعليم ۽ تربيت فراهم ڪرڻ ۽ اهڙي سا??گار ماحول جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو عورتن ??ي ٽيڪنالاجي سان لاڳاپيل شعبن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهي. هن چيو ته اسان کي ٽيڪ ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ صنفي تعصب کي ختم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورتن جي شموليت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي ۽ ??نه?? جي ترقي جا موقعا محدود ڪري ٿو. اسان کي شموليت ۽ واڌ جو هڪ اهڙو ڪلچر ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عورتون ترقي ڪري سگهن ۽ پنهنجي پوري صلاحيتن ??ي حاصل ڪري سگهن. اچو اسان وچن ڪريون ته ٽيڪنالاجي سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ صنفي برابري جي لاءِ ڪم ڪنداسين. گڏجي هڪ اهڙو مستقبل بڻائي سگهون ٿا جتي عورتن ??ي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي ۽ اهي معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۾ مڪمل حصو وجهي سگهن.
متعلقہ مضامین
-
Another JCP member urges CJP to delay appointments
-
Sindh to have Pakistan’s first printing museum soon
-
Bushra Bibi gets bail in multiple Nov 26 cases
-
30 per cent increase in Umrah pilgrims seen by 2020
-
Kashmiri faces sedition charges over Facebook activity
-
HESCO to soon resolve employees issues
-
PTI leaders visit injured party workers
-
General election in 2018 will only be a selection: Qadri
-
Butterfly Entertainment سرکاری داخلہ
-
آن لائن انٹیگریٹی بیٹنگ ایپ کے ذریعے محفوظ اور شفاف کھیل
-
ٹبر آف ٹریژرز: تفریح کی دنیا کا بہترین ویب سائٹ
-
فروٹ کینڈی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور مکمل تفصیلات