اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان انفارميشن گروپ جي 51 هين ڪامن ٽرينن?? پروگرام جي پروبيشنري آفيسرن وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. پروبيشنري آفيسر پنه??جي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت جي مختلف ادارن ۾ مقرري جا منتظر آهن. سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا الله تارڙ ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان به ملاقات ۾ موجود هئي. وزيراعظم، سمورن آفيسرن جو والهاڻو اسقبال ڪيو. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ۽ عوام وچ ۾ ويڇي کي ختم ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ اعتماد کي هٿي ڏيڻ ۾ انفارميشن گروپ جي آفيسرن جو ڪردار اهم آهي، وزيراعظم حاضر دور جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ ميڊيا جي منظرنامي ۾ اثرائتي ڄاڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن آفيسرن جي حوصلا ??فزائي ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سمورا آفيسر پنه??جي ذميوارين کي ديانتداري، پيشيوراڻي مهارت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ مضبوط عزم سان ادا ڪندا. آفيسرن ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ۾ پنهنجو حصو وجهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پروبيشنري آفيسرن سان ڳالهين دوران وزيراعظم قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ ۽ شهرين کي اهم حڪومتي قدمن جي باري ۾ تعليم ڏيڻ ۾ اسٽيٽ ميڊيا ۽ انفارميشن گروپ جي اهميت تي زور ڀريو. هن پروبيشنري آفيسرن جي حوصلا ??فزائي ڪئي ته هو جمهوري عمل ۾ عوام جي شموليت کي وڌائڻ لاءِ جديد مواصلاتي اوزارن کي استعمال ۾ آڻڻ لاءِ سرگرم رهن.
متعلقہ مضامین
-
Road infrastructure restored, majority power feeders now functional in flood affected areas: Tarar
-
PTI Chairman declares true independence after defeating fivefold enemy
-
PAC decides to investigate corruption cases from PTI govt era
-
Edhi foundation invests $4 million in advanced breast cancer treatment at JPMC
-
Fortune Forge سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Newspaper misreports Ali Gilanis statement about Shariah law
-
Factory gutted in fire in Kahuta industrial area
-
Raheel presents antique British pistol to Amir Khan
-
Call for collective efforts to resolve issues of Pakistan
-
Army ready to face any foreign threat, we are already at war: COAS
-
Security meeting leaks can have pernicious effects
-
Kaptaan and I are real opposition