اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته آئيني ترميمن تي ڪو ڪم تڪڙ ۽ جلدي بازي ۾ ناهي ٿيو، ان تي سير حاصل ڳالهه ٻولهه ٿي، سمورين سياس?? پارٽين سان مشاورت جمهوري عمل جو حسن آهي، ڪنهن سياس?? پارٽي کي مشاورت جي عمل کان ٻاهر نه رکيو ويو. ڪالهه آچر ڏينهن قا??ون واري وفاقي وزير، اعظم نذيرتارڙ س??ن گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير عطا الله تارڙ آئيني پيڪيج جي ڪابينا مان منظوري کي قوم لاءِ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته اڄ پاڪستان جي عوام، رياست ۽ پارليامينٽ لاءِ تاريخي ڏينهن آهي. 1973ع جي آئين ۾ پارلياماني جمهوريت متعارف ڪرائي وئي هئي، پارليامينٽ جي بالادستي جي حوالي سان آئين بلڪل واضح آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي خودمختياري جو جيڪو تصور آئين ۾ ڏنو ويو هو، ان طرف اهو تمام وڏو قدم آهي. وفاقي وزير چيو ته جڏهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف وچ ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي تي صحيحون ٿيون هيون ته عوام کي سستي ?? فوري انصاف جي فراهمي کي آسان بڻائڻ جو معاملو ان ۾ شامل هو. هن چيو ته سياسي معاشرن ۾ سياسي ملاقاتون جمهوريت جو حسن هونديون آهن، سمورين سياس?? پارٽين وچ ۾ آئيني ترميمن تي ملاقاتن جو سلسلو جاري رهيو. هن چيو ته ڪابينا قا??ون واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن گذريل اڍائي مهينن دوران ان تي وڏي محنت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سمورين اتحاد?? پارٽين جو ٿورو به مڃيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو خصوصي طور تي شڪريو ادا ڪيو آهي جنهن آئيني ترميمن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ڪابينا نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، نويد قمر، شيري رحمان سميت ٻين اڳواڻن جو به ٿورو مڃيو جنهن آئيني ترميمن جي حوالي سان پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اسان پنهنجي منشور ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ جيڪي ??اعدا ڪيا هئا اهي اڄ پورا ٿي رهيا آهن، عدليه ۾ مقرري جو عمل هجي يا احتساب جو معاملو، ان کي وڌيڪ شفاف بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي تمام وڏو چئلينج آهي، اسان جو زهريلي گئسن جي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر موسمياتي تبديلي جو سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ڀوڳڻو پيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي حوالي سان صوبن سان تعاون کي بهتر بڻائڻ ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي بهتر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ آئيني پئڪيج ۾ شق رکي وئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
Shehbaz: Pakistan-China ties set global example
-
Punjab police uniform budget doubles to strengthen force appearance
-
Another JCP member urges CJP to delay appointments
-
Sindh to have Pakistan’s first printing museum soon
-
Bushra Bibi gets bail in multiple Nov 26 cases
-
30 per cent increase in Umrah pilgrims seen by 2020
-
Kashmiri faces sedition charges over Facebook activity
-
HESCO to soon resolve employees issues
-
PTI leaders visit injured party workers
-
General election in 2018 will only be a selection: Qadri
-
Butterfly Entertainment سرکاری داخلہ
-
آن لائن انٹیگریٹی بیٹنگ ایپ کے ذریعے محفوظ اور شفاف کھیل