اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري واري وف??قي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته ادارن جي نجڪاري حڪومت جي معاشي سڌارن واري پروگرام جو اهم حصو آهي. ادارن جي وقت سر ۽ شفاف نجڪاريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت هيٺ سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ جو هفتيوار جائزه اجلاس نجڪاري وزارت ۾ منعقد ٿيو. نجڪاري وزارت طرفان جاري بيان مطابق اجلاس ۾ سيڪريٽري نجڪاري سميت وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وف??قي وزير کي مختلف سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس دوران جناح ڪنيونشن سينٽر، ايس ايم اي بئنڪ، پارڪ ري انشورنس سميت ٻين مختلف ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير کي سرڪاري پراپرٽيز جي وِڪري، پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ـ سنڌ انجنيئرنگ لم??ٽيڊ بابت به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته فنانس ڊويزن طرفان هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن جي بورڊ جي منظوريءَ لاءِ سمري وزيراعظم آفيس موڪلي وئي آهي. وزيراعظم ۽ ڪابينه مان بورڊ جي منظوريءَ کانپوءِ ايڪسپريشن اينڊ انٽريشن شايع ڪيا ويندا. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته فرسٽ وومين بئنڪ جي اڪائونٽس جي آڊٽ لاءِ آڊٽ فرم جي خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. ان موقعي تي وف??قي وزير چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جو اهم حصو آهي.
متعلقہ مضامین
-
Photo exhibition highlights plight of Thatta women
-
Minister reveals 18 CCI meetings without NFC award
-
SC takes suo moto action on illegal human organs transplantation
-
Jili Electronic Entertainment Official Website
-
Sun of Egypt گیم ڈاؤن لوڈ کا مکمل گائیڈ
-
منی ٹری آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
فارچیون چوہا آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کی مکمل تفصیل
-
ڈیولز فارچیون آفیشل گیم پلیٹ فارم: ایک نئی دنیا کی سیر
-
ایم ٹی آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک اور استعمال کی مکمل گائیڈ
-
Hulaa ایماندار بیٹنگ پلیٹ فارم: ایک محفوظ اور شفاف تجربہ
-
ورچوئل اسپورٹس ٹرسٹڈ انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
V83D کارڈ گیم ایماندار بیٹنگ ایپ کا تعارف اور خصوصیات