اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن خاص طور تي جسماني معذوري جو شڪار عورتن کي معاشري جو فعال حصو بڻائڻ جي لاءِ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ قانونسازي سميت خصوصي ماڻهن جي رستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپ??ر ڪردار ادا ڪري رهي آهي، آئون يقين ڏياريان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجون سموريون ذميداريون پور?? ڪندي. هو پارليامينٽ هائوس جي اڱڻ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جسماني طور تي معذور عورتن جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته عورتن جو عالمي ڏهاڙو اهڙو موقعو آهي ته ان جي ذريعي اسان معاشري جي خصوصي ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۽ کين معاشري جو فعال حصو بڻائڻ لاءِ ملڪي ۽ عالمي سطح تي شعور اجاگر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته اسان ان سفر ۾ دنيا سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن پارليامينٽ ۾ عورت ميمبرن جي گروپ ومين ڪاڪس جي چيئرمين منزه حسن جي وا??اڻ ڪئي ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هن قانونسازي جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو وا??اڻ جوڳو آهي. پارليامينٽ جي سطح تي هن هيستائين کنيل قدمن جي باري ۾ ڳالهائيندي چيو ته اسان خصوصي ماڻهن جي لاءِ آءِ سي ٽي به منظ??ر ڪيو آهي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قانونسازي ۾ جهولن کي ختم ڪرڻ ۽ اهڙيون سفارشون جوڙڻ آهي جنهن جي ذريعي موجوده قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائي سگهجي. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسپتالن ۽ اهم تعليمي ادارن تائين به خصوصي ماڻهن جي پهچ يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ موجوده قانونن تي عملدرآمد لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ موبائيل ايپ به شروع ڪئي وئي آهي جنهن جي ذريعي شنا??تي ڪارڊ، پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس سميت ٻي سروسز تائين انهن جي پهچ آسان ٿيندي.
متعلقہ مضامین
-
Developed nations achieved progress by promoting mother tongue: CM Murad
-
KP announces free school bags, books for students
-
BISP Continues Empowering Women Through ‘Benazir Ka Benazir Khwab’ Initiative
-
Indian attack on Nur Khan base prompted US intervention: NYT
-
BNG الیکٹرانک آفیشل گیم پلیٹ فارم ڈاؤن لوڈ
-
Overseas Chinese role in development of Pakistan is admirable
-
Nigeria to buy 10 Super Mushshak jets from Pakistan
-
DGTO website missing vital information
-
Give advice, not dictation, Fazl to Bilawal
-
ABAD to hold three-day property Expo from March 24 in Islamabad
-
CQ9 الیکٹرانک سرکاری ڈاؤن لوڈ داخلہ مکمل گائیڈ
-
GW لاٹری آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات