اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف ع??وي ملڪ ۾ ڊا??ٽرن، نرسن سميت هنرمند ما??هن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ هوشيار ذهنن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هو فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي شعبي ڊينٽسٽ ۽ نرسنگ ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته مقابلي وارين ملازمتن جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ ڪم جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري لکيل پڙهيل ۽ هنرمند ما??هن جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي انگ ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. صدر ڊا??ٽر عارف ع??وي چيو ته ملڪ پنهنجا وسيلا ڊا??ٽرن، انجنيئرز ۽ ٻين پيشيور ما??هن تي لڳائي، جڏهن هنرمند انساني سرمائي مان اهڙي طرح فائدو نه کڻي سگهيا، جنهن جي معيشت ۽ ترقي تي منفي اثر پوندو رهيو. هن چيو ته هنرمند ڊا??ٽرن جي ٻاهرئين ملڪ ملازمت ??ي گهٽ ڪرڻ جو موثر طريقو اهو آهي ته انهن جي لاءِ ملڪ جي اندر روزگار بهتر موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان کي صحت جي خدمتن جي شعبي ۾ ضرورتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 9 لک نرسن جي ضرورت آهي پر هن وقت اسان وٽ نرسن جو انگ 3 لک آهي. هن چيو ته ايف ايس سي (فيڪلٽي آف سائنس) پري ميڊيڪل جي رڳو 9 سيڪڙو شاگردن کي پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا ملي، جڏهن ته 25 سيڪڙو انگ اکر اسان جي خطي جي ملڪن جا آهن. ان صورتحال کي هڪ حڪمت عملي جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ انگ ۾ شاگردن کي ايڊجسٽ ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ ادارا قائم ڪيا وڃن. صدر نشاندهي ڪئي ته اهي عورت ڊا??ٽر جن پنهنجي فيملي جي زندگي ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي شعبي کي خيرباد چئي ڇڏيو، اهو ملڪ جي لاءِ تمام وڏو نقصان آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي پيشن کان پري نه وڃن ۽ معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عورت ڊا??ٽرن جي لاءِ ڪم وارين جاين تي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ماحول پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي زچگي دوران موڪل کانپوءِ پروڊڪٽويٽي ۾ انهن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. صدر ميڊيڪل گريجوئيٽس کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مريضن جو علاج ڪندي همدرديءَ ۽ مهرباني جي قدرن کي اختيار ڪن. هن ما??هن کي متعدي بيمارين ۽ وات جي صفائي بابت آگاهه ڪندي علاج بدران روڪٿام جي اهميت کي اجاگر ڪيو. فائونڊيشن يونيورسٽي اسڪول آف هيلٿ سائنسز جي ڊائريڪٽر ميجر جنرل (ر) عمران فيصل چيو ته ادارو انڊر گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاگردن کي بهترين معيار جي ڏندن جي تعليم فراهم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ مريضن جي سارسنڀال ۽ انتظام جي سمورن رخن جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نرسنگ جو شعبو بهترين تعليم فراهم ڪري رهيو آهي ۽ اعليٰ معيار جا گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيو آهي. صدر گريجوئيٽس ۾ ميڊلز ۽ ميرٽ سرٽيفڪيٽ ورهايا.
متعلقہ مضامین
-
PTI Chairman declares true independence after defeating fivefold enemy
-
PAC decides to investigate corruption cases from PTI govt era
-
Edhi foundation invests $4 million in advanced breast cancer treatment at JPMC
-
Fortune Forge سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Newspaper misreports Ali Gilanis statement about Shariah law
-
Factory gutted in fire in Kahuta industrial area
-
Raheel presents antique British pistol to Amir Khan
-
Call for collective efforts to resolve issues of Pakistan
-
Army ready to face any foreign threat, we are already at war: COAS
-
Security meeting leaks can have pernicious effects
-
Kaptaan and I are real opposition
-
Police crackdown on improper, absent number plates on vehicles