ڪوئٽا -12 آگسٽ (اي پي پي) نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جو تعلق بل??چس??ان جي ضلع قلعه سيف الله جي علائقي ڪان مهترزئي ۽ پشتونن جي نالي واري قبيلي ڪاڪڙ سان آهي، هو ڪيڊٽ ڪاليج ڪوهاٽ مان انٽرميڊيٽ ۽ بل??چس??ان يونيورسٽي ڪوئٽا مان سوشلاجي ۾ گريجوئيشن ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد پرڏيهه هليو ويو. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ 2008ع ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ڪوئيٽا سٽي مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهيو پر ڪامياب نه ٿي سگهيو، جنهن کان پوءِ هو (ن) ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 2017ع ۾ نواب ثناء الله زهري جي دور م بل??چس??ان حڪومت جو ترجمان مقرر ٿيو. انوار الحق ڪاڪڙ مارچ 2018ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان آزاد حيثيت ۾ 6 سالن لاءِ سينيٽر چونڊيو جڏهن ته ساڳئي مهيني هو مسلم ليگ (ن) کان منحرف ٿيندڙ ان گروپ جو حصو بڻجي ويو جنهن بل??چس??ان عوامي پارٽي جي بنياد رکي. انوار الحق ڪاڪڙ بي اي پي جو مرڪزي ترجمان به رهيو. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ افغانستان ۽ خطي جي حالتن تي گهري نظر رکي ٿو. هو سينيٽر طور آمريڪا، برطانيه، روس، آسٽريليا سميت يورپ جي مختلف ملڪن جو دورو ڪري چڪو آهي. انوار الحق ڪاڪڙ سينيٽ جي بچاءَ، پرڏيهي معاملن ۽ پارلياماني معاملن بابت فعال ميمبر سان گڏوگڏ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين ۽ هيومن ريسورسز جو چيئرمين رهيو. انوار الحق ڪاڪڙ کي مادري زبان پشتو کان علاوه انگريزي، فارسي، بل??چس??ان ۽ براهوي تي عبور حاصل آهي. انوار الحق ڪاڪڙ بل??چس??ان جي درپيش مسئلن تي گهري بصيرت رکي ٿو. سندس دانشوراني سوچ ۽ بصيرت سبب ملڪي اعليٰ يونيورسٽين ۽ پرڏيهي يونيورسٽين جن ۾ هارورڊ ۽ برسلز جهڙا تعليمي ادارا آهن، جن ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ ۽ تجزين ۽ تجويزن جي باري ۾ بار بار گهرايو ويند?? رهيو. نامزد نگران وزيراعظم سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جي سفارتي ڪوششن سبب عالمي ميدان ۾ رياست جي مثبت ۽ معاون نقطئه نظر کي پيش ڪرڻ لاءِ مضبوط تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي ۽ پرڏيهه ۾ رياست مخالف ڌرين طرفان ڪيل ناڪاري ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي ۽ ان جي هنرمنداڻي خطاب جي نتيجي ۾ عالمي برادري ۽ بل??چس??ان حڪومت جي حق ۾ پاليسين ۾ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آيون. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ مضبوط بل??چس??ان لاءِ هڪ مثبت ويزن رکي ٿو. سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو اڳوڻو شاگرد پڻ رهي چڪو آهي.
متعلقہ مضامین
-
PN launches third Hangor-class submarine in China
-
BHC disposes of petition challenging Afghan refugees’ deportation
-
Punjab launches crackdown against industrial pollution
-
Arora cheers Pakistan’s support for Sikhs, decries India’s HR violations
-
گولڈن جیم آفیشل گیم پلیٹ فارم: گیمنگ کا نواں دور
-
ون ون ون آفیشل تفریحی ویب سائٹ
-
2 Big Bass Christmas Carnival Entertainment App Ki Duniya
-
Seven-month pregnant killed for honour
-
Pakistan likely to sign key agreement at SCO summit
-
Polyclinic hospital case: SC seeks complete inquiry report from FIA
-
Indian troops martyr 303 including 42 teenagers in 2016
-
PT electronic آفیشل گیم پلیٹ فارم